شيما ڪرماني

شيما ڪرماني

شيما ڪرماني

شيما ڪرماني: مشھور اداڪاره ۽ ڪٿڪ رقاصھ شيما ڪرمانيءَ، 16 جنوري 1951ع تي راولپنڊيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد پيشي جي لحاظ کان فوجي ھو، تنھنڪري شيما کي ملڪ جي مختلف ھنڌن تي رھڻ جا موقعا مليا. والد جي رٽائر ٿيڻ بعد سندس سموري ڪٽنب ڪراچيءَ ۾ رھائش اختيار ڪئي. ننڍپڻ کان سنگيت ۾ دلچسپيءَ سبب هن پيانو وڄائڻ جي سکيا ورتي. شيما کي ڪلاسيڪل رقص جو شوق حيدرآباد دکن سان تعلق رکندڙ پنھنجي ماءُ کان ورثي ۾ مليو. رقص جي باقاعده سکيا ھن گهنشام ڊانس اڪيڊمي، ڪراچيءَ مان ورتي، ان وقت سندس عمر تقريباً 13 سال ھئي. سکيا مڪمل ڪرڻ بعد ھڪ استاد جي حيثيت ۾ ساڳي اڪيڊمي ۾ ڪجهھ عرصو ڪٿڪ سيکاريائين. اُن کان پوءِ ٻن سالن لاءِ گارڊن اسڪول آف آرٽس لنڊن جي چترڪاري (Paintings) واري شعبي ۾ بھ داخلا ورتي. 1981ع کان 1985ع تائين نئين دھلي مان ڀرت ناٽيم، اڙيسي ڊانس، ڪٿڪ، مانيپوري ۽ لوڪ ناچ جي تربيت ورتي. اتي، ڪلاسيڪل رقص جو وڏو ڄاڻو الوڪا پينيڪر سندس استاد/گرو ھو. 1989ع ۾ھن ڪوريوگرافرس (Choreographers) ورڪشاپ آف آمريڪن ڊانس فيسٽيول ۾، ڊيوڪ يونيورسٽي جي دعوت تي پھريون ڀيرو آمريڪا ۾ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيو. 1992ع ۾ کيس ٻيھر پريسٽيجئيس آمريڪن ڊانس فيسٽيول جي موقعي تي ڊيوڪ يونيورسٽي طرفان مدعو ڪيو ويو. 1997ع ۾ ھن ھئمبرگ ۾ ڪوٺايل ‘ٿئيٽر فيسٽيول’ ۾ رقص پيش ڪيو. ان کان علاوه ھن چين، مصر، انڊونيشيا، نيپال، بنگلاديش، گڏيل عرب امارات، سريلنڪا ۽ نيدرلينڊ ۾ پڻ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيو. سندس اھم ڪم قديم ثقافتي ورثي ۽ تحقيقي سرگرمين جي واڌاري لاءِ پنھنجي فن ذريعي جاڳرتا آڻڻ آهي، ان ڏس ۾ ھن قديم سنڌو ماٿر تھذيب متعلق (The Song of Mohen jo Daro) تي ناٽڪي انداز وارو ڪلاسيڪل ناچ (راسي منڊل) پڻ ڪيو، جيڪو سنڌ ۾ سندس بي پناھھ شھرت جو سبب بڻيو. ان کان سواءِ ھن شيخ اياز جي شاعريءَ تي بھ پنھنجي نرت واري فن جو مظاھرو ڪيو آھي. ڪلاسيڪل رقص کانسواءِ هن پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) جي ڪيترن ڊرامن ۾ اداڪاري پڻ ڪئي، جن ۾: دستڪ، آب و سراب، مين جيئونگي سر اُٺا ڪي، گزر جائيگي رات، منزلين اور ڀي، تم ميري پاس رهو، ماروي، رقصِ جانان، ڌنڌ لڪا، خاموشي جُرم هي ۽ بيٽيان شامل آهن. 2009ع ۾ هن ٽيلي فلم ‘مظلوم’ ۾ ‘بيبي جي’ جو سھڪاري ڪردار به ادا ڪيو. شيما پنھنجي فن سان گڏ تاريخ، فن (فائن آرٽس) جي اھميت، خوبصورتي ۽ ان تي پوندڙ اثرن جھڙن موضوعن تي مختلف وقتن تي لکڻ سان گڏ ليڪچر پڻ ڏيندي رھي آھي. ھن وقت شيما ڪرماني پنھنجي مڙس خالد سان گڏ ڪراچيءَ ۾ مقيم آھي. سندس مڙس لنڊن مان ڊرامي جي اعلى تعليم ورتي آھي ۽ ھڪ ٽي. وي چئنل جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر پڻ آھي. ٻئي گڏجي ڪراچيءَ ۾ ھڪ اڪيڊمي ھلائي رھيا آھن، جتي پاڻ ڪلاسيڪل رقص جي سکيا ڏيندي آھي ۽ سندس مڙس خالد نوجوانن کي ڊرامي جي مختلف شعبن بابت تعليم ڏيندو آھي. سماجي حوالي سان شيما، عورتن جي حقن جي پاسداري ڪندڙ ھڪ سماجي تنظيم ‘تحريڪ نسوان’ جي ڪارڪن پڻ آھي. ڪلاسيڪل رقص ۾ سندس سنڌي شاگردياڻين مان سھائي ابڙو سٺو نالو ڪمايو آھي. کيس، سندس خدمتن جي اعتراف طور 2005ع ۾ نوبل امن انعام لاءِ نامزد ڪيو ويو. 2012ع ۾ ونڊر وومن ائسئوسيئيشن پاران ‘وومن آف انسپريشن اوارڊ’، ACHA تنظيم پاران امن اسٽار اوارڊ ۽ 14 آگسٽ 2023ع تي حڪومت پاڪستان پاران ‘پرائيڊ آف پرفارمنس’ اوارڊ شامل آهن. سندس زندگيءَ بابت 2019ع ۾ تيمور رحيم ‘With Bells on Her Feet’ نالي سان دستاويزي فلم ٺاهي، جنھن مونٽريال ۾ منعقد سائوٿ ايشين فلم فيسٽيول ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي.


لفظ شيما ڪرمانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.01.16  عيسوي

مشھور اداڪاره ۽ ڪٿڪ رقاصھ شيما ڪرمانيءَ، 16 جنوري 1951ع تي راولپنڊيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديوان ڄيٺمل
شاهه اسماعيل ڀڙي وارو
چاچڙ حاجي شاهنواز خان
مريم مختيار شيخ
توتان
پيرل پياسي
اشرف علي سمون
پمناڻي هاسارام پروفيسر
پير جهنڊو
ڊاڪٽر رجب ميمڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون